رهيجا تولارام ڪنئيها لال

رهيجا، تولارام ڪنئيها لال: رهيجا تولارام ڪنئيها لال، 24 جولاءِ 1939ع تي سکر، سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کانپوءِ پوني (ڀارت) ۾ وڃي رهيو، جتي اڳتي هلي صابڻ جو ڪارخانو قائم ڪيائين.
هن جو تعليم، صحافت ۽ ادب سان ويجهو تعلق رهيو. سنڌي ۽ مراٺي ٻوليءَ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس 500 کان وڌيڪ مضمون، ليک ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. هن دادا جشن واسواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ٻوڌراج ’ٻوڌ‘ ۽ ريٽا شاهاڻيءَ جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جا مراٺي ٻولين ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن. رهيجا تولارام جا سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) سنڌو درشن (سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾)، (2) سنڌو پتر (مراٺي)، (3) پوڄا (سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾)، (4) جيشيل ڪڌي پر تون پاکرا (مراٺي) وغيره.
هن جي ’سنڌو درشن‘ ڪتاب تي مهاراشٽر سرڪار اوارڊ ۽ روڪ انعام پڻ ڏنو هو. رهيجا تولارام ڪنئيها لال ’لالي‘ تخلص سان شاعري به ڪئي. سندس رهائش ورنداون سوسائٽي، پوني ۾ آهي.


لفظ رهيجا تولارام ڪنئيها لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو